پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪ??دڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي ??مر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪ??دڙ صوابي سان تعلق رک??دڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افزائي طور ??مر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته ??مر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر ح??اظت ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.