اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) چائينا ميڊيا گروپ سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ آرٽ نمائش ۽ ثقافتي شو جو بندوبست ڪيو. ان موقعي تي سي پيڪ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي حوالي سان خصوصي پينٽنگز جي نمائش ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ت??ري?? ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪندي پاڪستاني ثقافتي فنڪارن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ان دوران بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن ب?? پرفارمنس ڪيو، ت??ري?? ۾ موجود چيني ثقافتي فنڪارن خوبصورت موسيقيءَ ذريعي ت??ري?? کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ت??ري?? کي ايف ايم 98 دوستي چينل جي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوپنگ ??نگ جو چوڻ هو ته سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي ثقافتي پروگرامن سان اسان کي جتي هڪٻئي جي ثقافت کي ڄاڻڻ جو موقعو ملندو اتي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ هٿي ايندي. هن چيو ته اڄ جي ت??ري?? پڻ سي پيڪ جي منصوبي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان جاري ت??ري??ن جو هڪ تسلسل آهي. ڪي پي ڪي سيڙپڪاري بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين حسان دائود ت??ري?? کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ سان خطي ۾ ترقيءَ جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چائينا ميڊيا گروپ طرفان سي پيڪ جا وڊيو پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا جن کي ت??ري?? ۾ شرڪت ڪندڙن بيحد ساراهيو. پاڪستان ۾ قائم چيني سفارتخاني جي ثقافتي ڪائونسلر جنرل چانگ حه چنگ سميت ٻين اعليٰ عهديدارن ۽ پاڪستان چين جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.