اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ??لا??ي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪميونٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حسين برهان الدين نگران وزي??اع??م کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪميونٽي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزي??اع??م چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملاقات ۾ نگران وزي??اع??م معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزي??اع??م سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو. وفد نگران وزي??اع??م کي ڪراچي ۾ بوهره ڪميونٽي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزي??اع??م چيو ته غريب طبقي جي ??لا??ي لاءِ بوهره ڪميونٽي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وفد نگران وزي??اع??م کي بوهره ڪميونٽي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهر??ت آهي. نگران وزي??اع??م ملاقات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪميونٽي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.