اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ م??ڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي ??اء?? مستقل قدمن، عالمي ڪردار ۽ تعاون تي زور ڏيندي چيو ??هي ته دنيا ۾ جاري تڪرارن جي حل ??اء?? ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ ايندڙ نسلن جي ذهني صحت، تندرستي ۽ پرامن مستقبل جي ??اء?? ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوڪرين جي شهر ڪيف ۾ فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جي ٽئين سربراهي اجلاس جي ??اء?? پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. هن سال جي سمٽ جي شروعات يوڪرين جي خاتون اول اولينا زيلنسڪا ڪئي جنهن جو عنوان ”ذهني صحت: مستقبل جي نزاڪت ۽ لچڪ“ هو. سربراهي اجلاس ۾ صدر ولاديمير زيلينسڪي پڻ خطاب ڪيو. ان سمٽ ۾ جاپان، ترڪيه، البانيه، جرمني، آرمينيا، مقدونيا، پولينڊ، اسپين ۽ سوئيڊن جي فرسٽ ليڊيز اينڊ جينٽلمين جا پيغام ۾ پڻ شامل هئا. سمٽ جي ??اء?? پنهنجي پيغام ۾ بيگم ثمينه علوي تڪرارن وارن علائقن ۾ م??ڻهن جي ذهني صحت ۽ ڀلائي بابت ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ يوڪرين ۾ انهن خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ??ن کي جنگ جي ڪري جسماني، جذباتي ?? ذهني دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ??ه اسان پاڪستان ۾ انهن جي درد کي محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ يوڪرين جي ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪري سگهون ٿا، اسان محسوس ڪريون ٿا ته اها انسانيت ئي آهي جيڪا بحرانن ۽ تڪرارن ۾ م??تلا آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني جي پاڪستان جي پنهنجي تجربي ۽ دهشتگردي جي خلاف ان جي ڊگهي جنگ پاڪستان کي سيکاريو ??ه تڪرار ۽ جنگ ماڻهن جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪن ٿا. هن چيو ??ه 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارت پاران غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪشميرين جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪيو ??هي. هن ڊاڪٽرز ود آئوٽ بارڊرز ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي هڪ تحقيق جو حوالو ڏنو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو ??هي ته اٽڪل 1.8 ملين ڪشميري بالغ ماڻهو، جيڪي خطي جي بالغ آبادي جو اٽڪل 45 سيڪڙو آهن، انهن پاڻ کي مختلف قسم جي ذهني پريشانين ۾ م??تلا ڏٺو، جن ۾ بي چيني، ڊپريشن ۽ ٻيا شامل آهن. اهي پريشان ڪندڙ انگ اکر مسلسل فوجي ڪاررواين، هٿياربند تڪرارن، اقتصادي بندشن ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جي گهري اثرن جي نشاندهي ڪن ٿا. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ??ه دماغي صحت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي تڪرارن وارن علائقن ۾ م??ڻهن تي ان جي منفي اثرن جي حوالي سان غلط فهمي ڏٺي وڃي ٿي. هن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي نتيجن جو حوالو پڻ ڏنو ته انساني بحران ۾ ذهني صحت جي مسئلن جو ڦه??اء?? ٻيڻي کان به وڌي وڃي ٿو. هن چيو ??ه ڪنهن به تڪرار واري علائقي ۾ جنگ جو ڊگهو عرصو ذهني صحت جي معياري سهولتن ۽ مشاورت جي ضرورت کي وڌائي ڇڏي ٿو. خاتون اول ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تڪرارن وارن علائقن ۾ م??ڻهن کي معمول جي زندگي ۾ واپس آڻڻ ممڪن آهي جڏهن ته ان جي ??اء?? دنيا ۾ م??لسل ڪوششن ۽ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه پاڪستان سڄي دنيا جي تڪرارن جو پرامن حل چاهي ٿو.