اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وزا??ت 15 هين قومي اسيمبلي جي تحليل جو نوٽيفڪ??شن جار?? ڪري ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪ??شن ۾ آئين جي آرٽيڪل 58 جي ذيلي شق هڪ جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي قومي اسيمبلي تحليل ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن 33 وفاقي وزيرن، 7 مملڪتي وزيرن، وزيراعظم جي 5 ايڊوائيزرن ۽ 38 خصوصي صلاحڪارن جا عهدا ڇڏيندڙن جا ٽي جدا جدا نوٽيفڪ??شن جار?? ڪري ڇڏيا آهن.