اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، اسا?? جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترق?? جي ثمرن سا?? مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ??يو. هن چيو ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليس?? جي تسلس کي جاري رکيو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن سا?? ملڪ جي معاشي ترقي سا?? گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سا?? ترقي ڪرڻي آهي، ترق?? جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين کوٽڻ واري شعبي ۾ ڪيترائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اهو درست وقت آهي.