اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي ??اءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان م??مل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ??يديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وزيراعظم سان ڊاڪٽر فوزيه جي اها ٻي ملاقات هئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان جي ايف ايم سي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي سان ملاقات جي ??اءِ آمريڪا روانگي کان ا?? ملاقات ڪئي هئي. ڊاڪٽر فوزيه وزيراعظم جي ??يادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي ??دايت تي پرڏيهي وزارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عافيه سان ان جي ??لاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو. ڊاڪٽر فوزيه چيو ته منهنجي دوري جي ??اءِ آمريڪي وي??ا حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي ??دد ڪري توهان ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اٽڪل 15 سال اڳ قيد ٿيڻ کانپوءِ کان پنهنجي ڀيڻ ملڻ جو هي پهريون موقعو هو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين ان سان ملاقات رهي. هن ??زيراعظم کي ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ??اءِ کنيل مجوزه قدمن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر فوزيه پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عافيه سان ملاقات جا تاثر بيان ڪيا ته وزيراعظم همدرديءَ سان ان کي ٻڌو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ان جي ڀيڻ جي ??اءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي خيريت ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر عافيه جي سارسنڀال ۽ ان جي جلد آزادي جي ??اءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان م??مل طور تي رابطي ۾ رهي. هن ??رڏيهي وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر فوزيه جي آمريڪا جي اڳئين دوري جي ??اءِ م??مل تعاون فراهمڪري، وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪندي.