اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سويڊن ۾ قرآن پ??ڪ جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته هن دردناڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت چيو ته هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو هڪٻئي جي مذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ بين المذ??هب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اهڙي بي تڪي نفرت ان??يز ڪارروائين کان اڳتي نڪرڻ جي ضرورت آهي.