اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پ?? پي) حڪومت پاڪستان قونصلر رسائي بابت 2008ع جي معاهدي جي شقن موجب پاڪستان ۾ موجود 308 ڀارتي قيدين (42 سويلين ۽ 266 مهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن ج?? حوالي ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ?? قيد پاڪستانين جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ج?? حوالي ڪري ڇڏي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ ڪل 417 پاڪستاني (343 شهري ۽ 74 مهاڻا) قيدي آهن، بيان موجب پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو انهن سمورن پاڪستاني شهري قيدين ۽ ماهيگيرن کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پ??هنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ انهن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي حراست ?? قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪندا آهن. هي مٽاسٽا قونصلر رسائي جي معاهدي تحت ٿيندي آهي جنهن تي 21 مئي 2008ع تي صحيحيون ٿيون هيون.