اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ شهرين جي پ??يش??نين جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي ان??ظا??يا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم برسات واري صورتحال ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ٽيمن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن هدايت ڪئي ته شهرين کي تڪليف ۽ پ??يش??ني کان بچائڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڏيکاري وڃي، برساتي صورتحال جي ڏس ۾ مسلسل مانيٽرنگ ۽ ان??ظا??ي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ 24 ڪلاڪن جي بنياد تي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ جا ان??ظا?? ڪيا وڃن. وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ ٽريفڪ جي رواني ۽ متبادل رستن جي وقت سر نشاندهي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ حفاظتي ۽ اڳواٽ ان??ظا??ن جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي ان??ظا??يا هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري شهرين کي پ??يش??ني کان بچائن.