اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کا?? هڪ اهم مطالبو رهيو آهي، ان نظ??م کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظ??ثاني جي ضرورت آهي، فرانس جي دوري دوران انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي نئين سر ??نظيم سازي جي ضرورت تي ??اڪستان جو موقف رکندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کا?? هڪ مطالبو رهيو آهي جيڪو عوامي پاليسين جي ماهرن، پاليسي پريڪٽيشنرز ۽ عالمي اڳواڻن پاران مختلف فورمن تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن، ماحوليات، قرضن جي وڌندڙ سطح ۽ توانائي جي منتقلي جهڙن چئلينجن جي سنگين نوعيت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. مسئلن جي عالمگيريت عالمي مالياتي نظ??م کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظ??ثاني ڪرڻ جي لاءِ تخليقي موقف جي ضرورت کي جنم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي ??رانس ۾ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ دنيا جي لاءِ هڪ منفرد موقعي جي نمائندگي ڪري ٿو ته اهي گڏ ٿين ۽ عالمي مالياتي نظ??م جي ٺوس سڌارن جي لاءِ گهربل وسيع اصولن ۽ قدمن تي ??تفق ٿين. وزيراعظم چيو ته فرانس جي دوري دوران آئون انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي نئين سر ??نظيم سازي جي ضرورت تي ??اڪستان جو موقف پيش ڪندس. جي – 77 پلس چائنا گرونگ ۾ هڪ اهم ڌر جي طور تي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کا?? بري طرح متاثر ٿيندڙ ملڪ جي طور تي ??اڪستان ان ڪردار جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.