اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي 10 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 1400 ملين ر??يا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سالياني ترقياتي پروگرام ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي 10 جاري منصوبن ۾ وفاقي عدالتن ۽ ٽربيونلز جي لاءِ 160 ملين ر??يا، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي لاءِ 43 ملين ر??يا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهراهه دستور جي سهولت مرڪز جي تعمير جي لاءِ 550 ملين ر??يا، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۾ مانيٽرنگ يونٽ جي بهتري لاءِ 51.999 ملين ر??يا، سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري ڪراچي جي نئين عمارت جي تعمير لاءِ 223.412 ملين ر??يا، وفاقي وزارتن ۾ قانون واري وزارت جي ليگل ونگ جي لاءِ 38 ملين ر??يا، نيشنل جوڊيشل آٽوميشن يونٽ پي سي ٽو جي لاءِ 28.985 ملين ر??يا، فيڊرل ڪورٽس ڪمپليڪس پشاور جي تعمير جي نظرثاني شده جي لاءِ 26.969 ملين ر??يا، فيڊرل ڪورٽس/ ٽربيونلز ڪمپليڪس لاهور جي تعمير جي لاءِ 80 ملين ر??يا، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي تعمير جي لاءِ 60.888 ملين ر??يا رکيا ويا آهن جڏهن ته قانون واري وزارت جي نئين ٽن اسڪيمن ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان سميت ٻين لاڳاپيل آفيسن جي تعمير جي لاءِ 16.900 ملين ر??يا، وفاقي ٽربيونلز ڪورٽس ڪمپليڪس جي ڪوٽا ۾ زمين جي خريداري جي لاءِ 36.917 ملين ر??يا جڏهن ته فيڊرل جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ آءِ سي ٽي لائبريرين جي قيام لاءِ 82.930 ملين ر??يا رکيا ويا آهن.