اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان جميعت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تفصيلي مشاورت ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران رياس??ي ادارن تي حملي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ مشاورت ڪئي ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.