اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب ??يو آهي ته هڪ سياسي پارٽي پاران لسٻيلا سانحي طرز تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي حادثي تي به منظم مهم هلائي پئي وڃي، افسوسناڪ ڪلچر وڌايو پيو وڃي، ڪنهن به شهادت ۽ واقعي تي ان حد تائين ڪري پوڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هو ايم اين اي آغا رفيع الله جي اعتراض واري نقطي تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب ??يو ته ٽي ڏينهن اڳ ڇنڇر جي رات اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي گاڏي کي پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهي آ??يان. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي شهادت تي وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ ميمبرن پنهنجي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، هر اک ڳوڙهن هاڻي آ??ي، پارليامينٽ مان هڪ قرارداد به پاس ٿي جنهن ۾ عبدالشڪور صاحب کي هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي. هن ??يو ته گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي سياست ٿي رهي آ??ي، هڪ سازش ٺاهي پئي وڃي، ه?? طرف کان پيغام اچي رهيو آهي ته اهو سانحو سازش سان ڳنڍيل هو، وزيراعظم جي هدايتن تي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان معاملي تي خصوصي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آ??ي، اڃا تائين ڪي اهڙا ثبوت ناهن مليا ته ان سانحي ۾ ڪا سازش آهي، ڪنهن به انديشي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، ان بابت رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن ??يو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا سان سانحي تي غليظ مهم هلائي پئي وڃي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن لسٻيلا حملي تي پڻ اهڙي مهم هلائي هئي. هن ??يو ته ان واقعي جي حوالي سان انشاءَ الله سڀاڻي حقيقتون پارليامينٽ آڏو رکنداسين.