اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچست??ن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت بلوچست??ن جي باصلاحيت افرادي قوت جي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي وفد ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ پاڪ ايران واپار جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد ۾ دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اس??ار ترين، مملڪتي وزير هاش?? نوتيزئي، قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، زبيده جلال، احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شه??از بلوچ شامل هئا.