اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 2 ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم اڄ شروع ٿيل گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن ??ي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته قطر جي امير ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن ??ي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي ا??زاز ۾ آجياڻو ڏيندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز ش??يف قطر جي امير جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم 6 مارچ تي ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو.