اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان بل جو مقصد نرسن، مڊوائيف ۽ ليڊي هيلٿ وز??رز ج?? رجسٽريشن ۽ تربيت بابت قانو??ن ۾ وڌيڪ ترم??م ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ آهي. منظوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني وئي. صدر جي منظوري کانپوءِ بل ايڪٽ بڻجي ويو.