اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ح?? لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکندو. خودمختياري جي ح?? جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري جو ڏينهن هر سال ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ح?? جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏ??ل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختياري جو هق عالمي قانون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني ح??ن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ??ي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي قانوني ح?? جي نشاندهي ڪري ??ي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي ح?? کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي ح??ن جي ح??الي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ??اد ڏيارڻ آهي. گڏ??ل قومن کي انهن واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ح?? لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ح??ايت جاري رکندو.