اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل عرب امارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ لسٽ ناهي ڪيو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿ?? ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪستاني ش??رين کي ويزا جاري ڪرڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس ??و اهو جواب گڏيل عرب امارات پاران مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ش??رين کي ويزائون جاري ڪرڻ تي بليڪ لسٽ يا پابندي جي خبرن تي صحاف??ن جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل عرب امارات پاران ڪجهه شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ش??رين کي ويزا فراهم نه ڪرڻ جي خبرن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل عرب امارات جي قونصليٽ جنرل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي ناهي هنئي.