لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي معذور ماڻهن جي پهچ کي ??هتر بڻائڻ ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏن?? آهي ته جيئن اهي معاشري جا برابر، پيداواري ۽ فعال شهري بڻجي سگهن. گورنر هائوس ۾ معذور ماڻهن سان هڪ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي هن چيو ته معذور ماڻهن سان روين ۾ تبديلي انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ خاتون اول بيگمه ثمينه عارف ??لوي پڻ شرڪت ڪئي. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، صحت، سماجي ڀلائي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن سميت مختلف صوبائي کاتن جي انتظامي سيڪريٽرين، معذور ماڻهن جي وڏي انگ، مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين انٽر ايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري ۾ انهن جي قبوليت کي وڌائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ، منفي ۽ دقيانوسي تصورن ۽ سماجي منع کي ??تم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو خاص ڪردار آهي. ڊاڪٽر عارف ??لوي معذور ماڻهن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مرڪزي ڌارا جي ادارن ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته ٻڌڻ، ڏسڻ، جسماني ۽ ذهني معذوري وارن ماڻهن کي ??اقاعده اسڪولن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي شرط اه?? آهي ته انهن کي ??حيح مددگار ٽيڪنالاجي فراهم ۽ انهن جي استادن کي مناسب تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي معذور ماڻهن بابت رويو تبديل ٿي رهي?? آهي ۽ انهن کي ??ندگي جي سمورن شعبن ۾ تيزي سان سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان مختلف سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت جي لحاظ سان پٺتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن کي ??رڪاري ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻ، معذور ماڻهن کي ??ن جي معتدل ۽ شديد قسم جي معذوري آهي انهن کي ??ه مختلف نوڪرين ۾ انهن جي قابليت ۽ مهارت موجب جڳهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته پاڪستان ۾ معذور ماڻهن جي تعداد بابت صحيح انگن اکرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مختلف اندازن موجب اهي اسان جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي آبادي جي ان وڏي حصي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، انهن کي ??هولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي ڀرپور صلاحيتن موجب وڌائڻ جي لاءِ مناسب ڪوششون ڪرڻ گهرجن.