اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ??ينهن جي دوري تي سکر ۽ حيدرآباد ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلو ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽروي ايم 6 جي پي??هه جو پٿر رکندو. سکر حيدرآباد موٽروي پشاور ڪراچي موٽر وي (پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان جا سڀئي وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ??ي تحت 30 مهينن جي ننڍي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پهرين سکر ۽ حيدرآباد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو.