اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان جي نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان 34 سالن ت?? ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ??ائ??يڪ??ر جنرل (آمريڪا)، ??ائ??يڪ??ر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ??ائ??يڪ??ر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن ت?? به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد ??ان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.