اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقصان جي ايجنڊا کي مو??ر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪستان جو ڪيس مو??مياتي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحولياتي ت??دي??ين جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏ??ن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪستان جي ڪامياب مو??مياتي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏ??ن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن ملڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستانجي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اه??ي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، مو??مياتي ت??دي??ي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مو??مياتي ت??دي??ي جي ڪري برساتن سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏ??ن ته مو??مياتي ت??دي??ين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪستان ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي مل?? سان نه ٿئي جڏ??ن ته اها تلخ حقيقت آهي ته مو??مياتي ت??دي??ين جي اثرن ۽ ان جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪستان جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي ت??دي??ين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪيس مو??مياتي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا مو??مياتي ت??دي??ي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏ??ن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان موقعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي مو??مياتي ت??دي??ي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.