اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کي ڪورونا ٿي ??يو. اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. هن ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کان وزيراعظم جي طبيعت خراب هئي، ڊاڪٽر جي مشوري سان ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو آئي. هن عوام ۽ ڪارڪنن کي وزيراعظم جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا جي اپيل ڪئي.