اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ ڪي??يا جي عملدارن سان ڪيترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪي??يا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وطن واپسي جي درخواست ڪئي آهي. ڪي??يا جي صدر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪي?? ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وطن واپسي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪي??يا جي حڪومت کي واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ اسلام آباد ۾ ڪي??يا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي ج?? اهميت ۽ ميت جي فوري وطن واپسي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي مع??ز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??.