اسلام آباد -19 آڪٽوبر (ا?? پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام تحت ٻوڏ سٽيلن ۾ امدادي رقم ورهائي پئي وڃي، بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام طرفان وزيراعظم ڪيش رليف تحت وڌيڪ 5 هزار خاندانن کي 25000 رپين جي امداد ڏني وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام تحت 26 لک 46 هزار متاثر خاندانن ۾ امدادي رقم ورهائجي چڪي آهي. هاڻي تائين سڄي ملڪ ۾ متاثر خاندانن ۾ 66 ارب 17 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي آهي. اها رقم پ??ڪس??ان جي وزيراعظم فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي وئي آهي. بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام تحت رقم جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.