نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ٽيم موڪلڻ تي فلسطين جي صدر محمود عب??س جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اسان فلسطينين پاران ان جذبي کي ??ڏهن به وساري نه سگهنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فلسطينين پاران پا??ستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ريسپانس ۽ ريسڪيو ٽيم موڪلڻ محبت ۽ ٻڌي جي گهري ٻنڌڻ ج?? عڪاسي ڪري ٿو.