نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس جي چوٿين ڏينهن ??عل??ٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي هيڊڪوا??ٽر?? پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس جي ??عل??ٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ ب??ني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪس?? لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.