گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دوران جمعي ڏينهن غذر ضلعي ۾ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سا?? ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دوران پن??نجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏ??ءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻارڙ??ءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻارڙيءَ سا?? ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙ??ءَ ۾ پوري قوم توهان سا?? گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سا?? پن??نجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ذڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج ??ي لاءِ 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙ??ءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.