اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ??لوچستان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون ??وابزاده شاهه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ بلوچستان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ انهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ??ن کانسواءِ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.