اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال 28هين چيف ??سٽس آف پاڪستان طور پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ پروقار ??قر??ب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کائنس حلف ورتو، ??قر??ب ۾ وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ??قر??ب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر نسيم فروغ، سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير، پارليامينٽ جي ميمبرن، ججن، وڪيلن جي تنظيمن جي عهديدارن ۽ سول فوجي عملدار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جسٽس عمر عطابنديال چيف ??سٽس جي طور تي مقرري جو نوٽيس به پڙهي ٻڌايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطابنديال کي چيف ??سٽس آف پاڪستان مقرر ڪيو ان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 2 فيبروري کان لاڳو هوندو، ان کان پهرين چيف ??سٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار حسين پهرين فيبروري تي پنهنجي ملازمت جي مدت پوري ڪرڻ کانپوءِ ر??ائ?? ٿي ويو هو.