اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي ??ان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن ??ان محروم آهي، ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي. ڪشمير سان يڪجهتي ??ي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اط??اعات ??اري وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ ڪشمير سان يڪجهتي ??و ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي پڪو يقين آهي ته ڪشميري عوام ڀارت ج?? ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??مايت جاري رکنداسين. اط??اعات ??اري وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن ??ان محروم آهي، بدقسمتي ??ان ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، اهي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي.