لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائ?? جي سمورن منصوبن ??ي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ تي بريفنگ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گ??، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت وزيراعظم کي بريف ڪيو ته پنجاب جو تازو ترقياتي بجيٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏو 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان کي پناب ۾ مواصلا?? جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صح?? جي شعبي ۾ جاري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل تي گهربل بجيٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين عبدالله سنبل بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائ?? جي سمورن منصوبن ??ي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائ?? جي ترقياتي منصوبن ??ابت عوامي آگاه?? جي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.