اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻ??يو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگول??ٽر?? جو اهم ڪردار آهي. ريگول??ٽر?? موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻ??ئين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگول??ٽر?? کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻ??ئ??ن. ??يگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻ??ئي سگهجي.