اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي و??ارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي و??ير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي و??ير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي و??قعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌا??ڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته سارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي و??ير سارڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.