اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت زرعي شعبي جي ترق?? لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آس??ن قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زراعت واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان ??رديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪ??ر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت زراعت جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ??رپور فائدو کڻڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زرعي منصوبابندي ۾ معاونت، معياري ٻج، جديد زرعي مشينري ۽ آس??ن قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي ج?? لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زرعي شعبي جي ترق?? لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان ??ڏ زرعي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس ج?? لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زراعت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنياد?? لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ??ين.