اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ??زي??اعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ??زي??اعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. ??زي??اعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ ??زي??اعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ور??اي??. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. ??زي??اعظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد ع??لي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ور??اي??. ??زي??اعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر ??زي??اعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.