اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بلاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪيل آهي ان ج?? نقصان صحافين ۽ ميڊيا ور??رز کي ٿي رهيو آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صحافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ور??رز جي پگهارن ج?? وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين ج?? تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ڪري رهي آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ور??رز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ور??رز کي پنهنجي حقن ج?? لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ڪري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ٻڌائي ته سنڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صحافين تي حملن ۽ صحافين ج?? قتل جي واقعن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي و??ند??. هن چيو ته سنڌ ۾ ذخيره اندوزن ج?? حڪومت آهي، انهي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگا??ي سنڌ ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن ج?? پٺڀرائي ڪري رهي آهي، بلاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي ع??ام کي انهن ذخيره اندوزن ج?? رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر سنڌ جي ع??ام جا مسئلا جيئن ج?? تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي ع??ام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.