اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ا??ا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاع??ت واري وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميم??رن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا ??ا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.