اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وز??ر شيخ رشيد، اطلاعات واري وز??ر چوڌري فواد حسين، قانون واري وز??ر ڊاڪٽر فروغ نسيم، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب ج?? وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ڊي جي ايم او ميجر جنرل نعمان ذڪريا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ۽ سينئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ امان امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي خاص طور تي پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ سروي آف پاڪستان 2021ع کي استعمال ۾ آڻيندي سرحدي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بين الصوبائي سرحدي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان کانسواءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ علائقي جي سول ۽ پوليس انتظاميه کي به وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ڊيره غازي خان ۽ ر??جن پور جي گهٽ ترقي يافته علائقن خاص طور تي انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ، پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ صوبي جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ لاءِ پنج سالا جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقياتي منصوبي جي به اصولي منظوري ڏني. نيشنل ايڪشن پلان 2014ع تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو وٺندي اجلاس هيستائين جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پلان کي وڌيڪ مو??ر بڻائڻ ۽ موجوده دور جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي جاسوسي، تخريبڪاري ۽ سائبر سيڪيورٽي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اپ ڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وز??راعظم اندروني ۽ ٻاهرين ٻ??هي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين، سول آرمڊ فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو.