اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي تيز ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي سل??لي ۾ وفاقي محتسب جي اداري کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ موجوده قانونن تي نظ??ثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ خصوصي سيل جوڙيو وڃ??، ماڻهن کي انصاف جي فراهمي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل جو نظ??م اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊيجيٽل رابطن سان عوامي شڪايتن جي فوري ازالي سان گڏوگڏ وقت ۽ رقم جي بچت ۾ پڻ مدد مل??دي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.