اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽ?? ڀارت کان کنڊ، ڪپهه ۽ ڌاڳو درآمد ڪرڻ، ڪڻڪ جي نئين فصل جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ??مد??دي قيمت 1800 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ پاڪستان جي گلابي لوڻ کي پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن سان جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (جي آءِ) جي طور تي رجسٽرڊ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان اسٽيل ??لز جي لاءِ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان پاران توسيع ڪيل 2522 ملين رپين جي سهولت بابت ليٽر آف ڪريڊٽ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي گارنٽي جاري ڪرڻ سميت ڪيترين ئي ف??ي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو.