اسلام آباد – 16 8211; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين ٽريڪ اي??ڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، ??وگر انڊسٽري، ??يمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار ع??ام کي کڻڻو پوندو آهي، ٽريڪ اي??ڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي، ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.