اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر پارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا و??ن، مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پ??يڙي رهي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??ڳي ٿو ته ??خالف ڌر طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا سان عوام جو ته ??قصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر هئي جيڪو چوندي هئي ته ??ڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ ??ها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته ??ابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.