اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اقتصادي ٽيم مڪمل هم آهنگي سان پنهنجون ذميواريون سران??ام ڏئي رهي آهي، پوري ٽيم کي وزيراعظم عمران خان جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، پاڻ ?? اختلافن جون خبرون بي بن??اد، گمراهه ڪندڙ ۽ مفاد پرستن جي خواهش تي ٻڌل آهن.