اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جو عمل شروع ٿي ويو، جڏهن ته ايندڙ اجلاس 2 جنوري 2025ع تي ٿيندو، جنهن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي ??سپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو ٿئي. ڪميٽيءَ جي ??جلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ??ينيٽ ۾ قائدِ ايوان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائي پڙهي ٻُڌائي. پارليامينٽ هائوس ۾ حڪومتي اتحادي ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ اتحادي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين باضابطه ويهڪ ٿي. اسپيڪر اجلاس جي ??دارت ڪئي. حڪومتي اتحادي ڪميٽي طرفان نائب وزيراعظم ۽ نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عبدالعليم خان ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي طرفان اسد قيصر، راجا ناصر عباس ۽ صاحبزاده محمد حامد رضا شريڪ هئا. اسد قيصر آگاهه ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽيءَ جا باقي ميمبر عدالتي جاين يا ملڪ کان ٻاهر ??ئڻ سبب ان هنگامي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ٻنهي مذاڪرتي ڪميٽين خير سگالي جو اظهار ڪندي اجلاس کي نهايت هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو اهم فورم آهي ۽ ڳالهين واري عمل کي جاري رهڻ گهرجي. مخال?? ڌر ڪميٽي پنهنجي ??روعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو. طئي ٿيو ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ مخال?? ڌر ڪميٽي لکت طور تي پنهنجا مطالبا ۽ شرطَ پيش ڪندي ته جيئن انهن دستاويزن جي ??وشني ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن. اجلاس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن ل??ءِ فاتحه خواني ڪندي ان پُختي عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگرديءَ جي ??اتمي جي ??نگ ۾ اسان س?? قوم سان گڏ بيٺل آهيون. ٻنهي ڳالهين وارين ٽيمن اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حڪومتي ڪميٽيءَ جي قيام ۽ ڳالهين جي ??ملي شروعات ل??ءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. گڏيل صلاح مشوري سان طئي ٿيو ته ايندڙ ڳالهين وارو اجلاس 2 جنوريءَ تي منعقد ٿيندو. ان کان اڳ اسپيڪر چيو ته حڪومتي ۽ مخال?? ڌر جي ڪميٽين جو پهريون اجلاس سٺي ماحول ۾ ٿيو جنهن ل??ءِ حڪومتي ليڊرشپ ۽ ڪميٽي ۽ مخالف ڌُر جي ليڊرشپ ۽ ڪميٽيءَ جا شڪرگذار آهيون. اجلاس ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته گڏجي ويهي پاڪستان جي ??هتريءَ جو عهد ڪريون ٿا ۽ ڪوشش به ڪنداسين، اسان س?? ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان سان سياسي بهتري، جمهوريت مستحڪم ۽ پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجن جي ??اتمي جي ??ميد آهي. هن ٻُڌايو ته مخال?? ڌر جي ڪميٽي ۾ نامزد ڪجهه ميمبر شريڪ نه ٿي سگهيا. ڪميٽيءَ جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو جنهن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به کڻي اينداسين. هن ٻُڌايو ته مختصر گڏيل پريس پڌرائي آندي ويندي ته جيئن ان تي گهٽ کان گهٽ تبصرو ٿئي. هن گذارش ڪئي ته انهن ڳالهين واري عمل کي هاڪاري نظر سان ڏسو، اسان چاهيون ٿا ته ماحول سٺو رهي، اسان پاڪستان جي ??هتريءَ ل??ءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو چاهيون ٿا.