اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن صوبن ۾ نگران حڪومتن جي 90 ڏينهن ??ان وڌيڪ عرصي ??ان قيام جي قانوني حيثيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان حوالي سان چوڌري فواد حسين جو خط وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو. خط ۾ صدر وزيراعظم کي ملڪ ۾ آئين جي ??ال??دستي ۽ جمهوريت جو استحڪام يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي وفاقي وزير پاران اٿاريل مسئلن تي غور ڪرڻ جو چيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب چوڌري فواد حسين صدر جي نالي پ??هنجي خط ۾ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ عبوري سيٽ اپ جي قانوني حيثيت جي حوالي سان مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ ??يب??پختونخواهه ۾ عبوري حڪومتن پنهنجو مقرر مد?? پورو ڪري ورتو آهي. آئين ۾ عبوري سيٽ اپ جي مقرر مد?? کي جاري رکڻ/ توسيع جو ڪو ذڪر نه آهي. نگران حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 224 موجب اليڪشن ڪميشن کي آئين ۽ قانون موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ ديانتداراڻي انداز ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??هنجي خط ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کي چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ آئين جي ??ال??دستي ۽ جمهوريت جي مضبوطي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان معاملي جو جائزو وٺي.