اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪا??ڪن ع??فان معراج کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان معراج ۽ خرم پر??يز سميت درجنين ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.