اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جل?? آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور ت?? رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پاران ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئ?? ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جل?? آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي وزارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جل?? آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور ت?? رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي سالن کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد ره?? ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.