اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين وز??راعظم کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي بحالي جي حوالي سان پاڪستان پاران ريليف ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ترڪيه جي لاءِ مجموعي طور تي 69 اڏامن جي ذريعي 2686 ٽن ??يم?? روانا ڪي?? ويا آهن جڏهن ت?? 2597 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام کي سامونڊي جهازن جي ذريعي موڪليو ويو. وز??راعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي 50 هزار ??يم?? تيار ڪرايا آهن جن ۾ فائر پروف ??يم?? پڻ شامل آهن. اين ڊي ايم اي هيستائين 26 خصوصي اڏامن جي ذريعي 36402 سردي جي موسم جا ??يم?? ترڪيه موڪلي?? ويا آهن.